فيصل آباد ( م ڊ) ناشپاتي جو رس وارو مٺو ميوو غذائي اهميت جي لحاظ کان انتهائي فائدي مند آهي ڇاڪاڻ ته ان ميوي جو استعمال انساني جسم ۾ ڪوليسٽرول جو مقدار گهٽ ڪرڻ، جسم ۾ رت جي فراهمي وڌائڻ ۽ قبض ختم ڪرڻ ۾ اڪسير جو درجو رکي ٿو جنهن جي پاڪستان ۾ ڪل پوک هيٺ ايراضي 2.6 هزار هيڪٽر آهي جنهن مان 2.4 هزار هيڪٽر خيبرپختونخوا ۾ ، 0.1 هزار هيڪٽر پنجاب ۽ ايتري ئي بلوچستان صوبي ۾ آهي. زراعت جي ماهرن ٻڌايو ته ناشپاتي ۾ وٽامن سي ۽ ڪي جو جهجهو مقدار موجود هوندو آهي، ان کان علاوه اهو پروٽين جي ٻين قسمن جو به موثر ذريعو آهي. ماهرن ٻڌايو ته 100 گرام ناشپاتي ۾ اٽڪل 42 ڪيلريز هونديون آهن جيڪي انساني جسم لاءِ گهڻي فائديمند آهن. ماهرن مطابق سائي، ڳاڙهي، ڀوري، پيلي رنگ جي ناشپات استعمال ڪري ڪيترن ئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.
