تهران(م ڊ) ايران جي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجمان سيد حسين نقوي حسيني چيو آهي ته امريڪا ايٽمي معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪم ناهي ڪيو پر ان هن معاهدي جي خلاف ورزي لاءِ 19 ڀيرا قانون منظور ڪيا. هن چيو ته گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل ۽ يورپي يونين سميت پوري دنيا ايٽمي معاهدي جي آجيان ڪئي پر امريڪا پهرين ڏينهن کان ئي ان جي مخالفت ڪئي. حسيني چيو ته ايٽمي معاهدي لاڳو ڪرڻ جو عمل غير مطمئن ڪندڙ آهي ۽ ان جو سبب امريڪا جي واعدي خلافي آهي. هن چيو ته جڏهن 2016ع ۾ ايٽمي معاهدو طئه ٿيو ته امريڪا ٻئي ڏينهن ئي 11 ايراني شخصيتن ۽ ادارن تي نيون پابنديون هنيون. هن چيو ته ايران نين پابندين آڏو ڪنڌ نه جهڪائيندو.