واشنگٽن(م ڊ)آمريڪي فوج چيو آهي ته ليبيا جي علائقي عبري ۾ آمريڪا ۽ ليبيا جي گڏيل فوجي هوائي ڪاروائي ۾ القائده جو ڪمانڊر مارجي ويو .ميڊيا رپورٽن مطابق آمريڪا جي آفريقي ڪمان چيو آهي ته موسي ابو دائود ليبيا ۾ القائده جي ڪارڪنن کي سکيا ڏيندو هو.هو مارجي ويل ٻن شدت پسندن مان هڪ هو.ڪمان ٻڌايو ته دائود جي حمايت جي نتيجي ۾ خطي ۾ گروپ آمريڪا ۽ اوله مفادن تي حملا ڪيا هئا،واضع رهي ته مئي 2016 ۾ آمريڪا دائود کي خصو صي عالمي دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.