لندن (م ڊ ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو 2020 ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو . برطانوي اخبار ”سنڊي “ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو سال 2020 ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو . ڇو ته هر ڪو مون کي چاهي ٿو . ۽ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جو ڪو به اميدوار مون کي شڪست نٿو ڏئي سگهي . برطانوي صحافي پيئرس مورگن طرفان پوڇيل سوال جو جواب ڏيندي صدر ٽرمپ چيو ته ها مان مڪمل ارادو رکان ٿو . مون کي ائين لڳندو آهي ته هر ڪو مون کي چاهي ٿو.