اسلام آباد: عدالت ڊاڪٽر شاهد مسعود کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو نالي واري اينڪر پرسن ڊاڪٽر شاهد مسعود پاران صحافي کان موبائيل کسڻ ۽ ڌمڪين جي معاملي تي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج جاويد اقبال سپرا ڪئي عدالت صحافي کان موبائيل کسڻ ۽ ڌمڪين جي معاملي ۾ شاهد مسعود جي گرفتاري کان پوءِ ضمانت جي درخواست خارج ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. واضح رهي ته ڊاڪٽر شاهد مسعود پ پ پ جي ڪرپشن ڪيس ۾ 5 ڏينهن جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي تحويل ۾ آهي.
