دبئي (اسپورٽس نيوز)آسٽريلوي بالرن پاڪستان خلاف شروع ٿيل دبئي ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز جي شروعاتي 55 اورورز ۾ ووڪيٽ وٺڻ ۾ ناڪام رهي ،اهو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون موقعو آهي ته آسٽريلوي ٽيم ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز جي شروعاتي 55 اورورز ۾ ووڪيٽ وٺڻ ۾ ناڪام رهي آهي ،محمد حفيظ ۽ امام الحق شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم کي 205 رنسن جي پراعتماد شروعات فراهم ڪئي ،پاڪستان اننهگز جي 63 هين اوور ۾ نيٿن ليون امام الحق کي آئوٽ ڪري ٽيم کي پهرين ڪاميابي ڏياري.
