ممبئي (م ڊ ) بالي ووڊ جي سپرهٽ جوڙي اداڪار رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊڪون 12 نومبر تي شادي جي ٻندڙن ۾ ٻڌجڻ وارا آهن. ڀارتي ميڊيا ۾ انهن ٻنهين اداڪاره ديپڪا ۽ رنوير سگهه جي شادي جا چرچا آهن. ٻنهي جي شادي جي حتمي تاريخ منظر عام تي اچي ويئي آهي جنهن مطابق رنوير ۽ دپيڪا 12 نومبر تي اٽلي جي خوبصورت جڳهه ‘ليڪ ڪمو’ ۾ شادي جي ٻندڙن ۾ ٻڌجي ويندا. ٻنهين جي شادي ۾ صرف 30 ڄڻن کي دعوت جو پيغام ڏنو ويو آهي. جڏهن ته مهمانن کي تقريب ۾ موبائيل فون کڻي اچڻ جي اجازت نه هوندي. ڇاڪاڻ ته شادي جي تصوير ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي ليڪ نه ٿي وڃن. ان کان علاوه دپيڪا رنوير شادي جي تقريب ۾ رازداري برقرار رکڻ جي لاءِ مهمانن کي اِي ميل به ڪئي آهي.