اسلام آباد(م ڊ ) عوامي نيشنل پارٽي ڪي پي ڪي صوبي جي صدر امير حيدر خان هوتي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪي پي ڪي صوبي ۾ اقتدار مليو ته نوجوانن کي 10 لک روپين تائين جو قرض بنا ڪنهن وياج جي ڏنو ويندو. ريڊيو پاڪستان سان ڳالهائيندي امير حيدر خان هوتي چيو ته صوبي مان بيروزگاري جو خاتمو اي اين پي جي اولين ترجيح آهي. نوجوانن کي بنا وياج جي قرض معاشي بهتري ۽ روزگار ٺاهڻ لاءِ فراهم ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناڪام پاليسين سبب صوبي کي سنگين مالي بحران جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
